چوڏهن معصوم

چوڏهن معصوم: اصل ۾ ’چهارده معصومين عليهم السلام‘ کي سنڌيءَ ۾ ’چوڏهن معصوم‘ چوندا آهن. چوڏهن معصومن مان مراد سرور ڪائنات حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم، حضرت علي عليه السلام، حضرتَ بيـبـي فـاطـمـة الـزهـريٰ رضه، حـضـرت امـام حـسـن عه، امـام حـسـيـن عه، امـام زين العابدينرضه، امام محمد باقررضه، امام جعفر صادقرضه، امام موسيٰ ڪاظمرضه، امام موسيٰ الرضارضه، امام محمد تقيرضه، امام علي نقيرضه، امام حسن عسڪريرضه ۽ امام مهديرضه آهن. چوڏهن معصومن جي سوانح حيات تي لاتعداد ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن، پر تازو ايران جي شهر قم جي هڪ ديني مڪتب ’مجمع جهاني اهلبيت‘ مان چوڏهن جلدن ۾ چوڏهن معصومين تي هڪ ڪتاب شايع ٿيو آهي، جنهن ۾ سنڌ بابت به ڪافي مواد موجود آهي. ڪتاب ۾ اهو به ڄاڻايل آهي ته حضرت امام حسينعه ۽ امام زين العابدينعه جون گهر واريون سنڌياڻيون هيون. امام جعفر صادقعه جي نامور چئن سنڌي اصحابن جو به تفصيلي ذڪر هن ڪتاب ۾ موجود آهي. ان سان گڏ امام موسيٰ الرضاعه جو سنڌ مان آيل هڪ عقيدتمند سان سنڌي ٻوليءَ ۾ڳالهائڻ جو تذڪرو به ٿيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو